سنڌي جهنگلي ملهالو

سنڌي جهنگلي ملهالو

سنڌي جهنگلي ملهالو

سنڌي جهنگلي ملهالو (پکي): هي Laniidae ڪٽنب جو سخت ۽ ڏنديلي چهنب وارو پکي آهي. هن جو سائنسي نالو (Tephrodornis Pendicerianus Pallidus Ticehurst) آهي، جڏهن ته انگريزي زبان ۾ هن کي Sindh Wood Shrike جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. عام طور هن کي ڪاسائي پکي (Butcher- Bird) پڻ چوندا آهن، جنهن جو سبب هن جو پنهنجي سخت ۽ ڏنديلي چهنب سان ننڍن ننڍن پکين ۽ جيت جڻن جو شڪار ڪرڻ آهي. هن پکي جي ڊيگهه بلبل جيتري ٿئي ٿي، هن جو مجموعي رنگ ڀوراڻ مائل سليٽي، اکين هيٺيان گهري ڀوري رنگ جي پٽي ۽ پڇ جا ٻاهريان کنڀ اڇي رنگ جا ٿين ٿا. هي پکي، جهنگ ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. هن جي پرن جون ڏانڊيون سخت ٿين ٿيون، جيڪي آساني سان ڇڻي پون ٿيون. اهو عمل شايد سندن حفاظتي ڪردار جو هڪ حصو آهي. نسلي واڌ ويجهه لاءِ وڻن مٿان پنهنجا آکيرا پاڻ ٺاهين ٿا، جيڪي پيالي نما هوندا آهن. هن جا پر ڊگها ۽ نوڪدار ٿين ٿا ۽ چهنب جي پاڙ جي آسي پاسي پرن جا ڇڳا پڻ ٿين ٿا. هي پکي، پاڪستان جي چئني صوبن ۾ خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي ۽ جهنگ وارن علائقن ۾ جهجهي تعداد ۾ رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو